ڌني فقير ڪنڀار جو مقبرو

ڌني فقير ڪنڀار جو مقبرو: هيءُ اسلامي دؤر جو ماڳ آهي. ڌنو فقير ذات جو ڪنڀار هو، سندس پويان نسل اڃا جانهيري (ضلعي عمرڪوٽ) ۾ آباد آهن. ڌنو فقير پيريءَ ۾ ٿر مان شادي ڪئي. کيجراڙيءَ ۾ ڪجهه وقت رهيو. سيدن جي ظلمن کي ڏسي عمرڪوٽ ويجهو جانهيري ڳوٺ کي مسڪن بڻايائين. وصيت موجب کيس دڙي جي لاهين ۾ دفن ويو. ڌنـي فقيـر جو قبرستان 200 سال کن پراڻو ٿيندو، هن قبرستان ۾ ڪنڀار قبيلي جي ماڻهن سميت سميجا ۽ مڱڻهار به دفن ٿيل آهن، اهو قبرستان کنگهار پير واري دڙي کان اتر طرف ٻئي دڙي جي چوٽيءَ تي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو